ناڪابندي ختم ڪرڻ جي خاطري، ايران ڳالهين لاءِ راضي، آمريڪي وفد اسلام آباد لاءِ روانو

تهران : پاڪستان پاران ناڪابندي ختم ڪرڻ جي خاطري بعد ايران، آمريڪا سان ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويو آهي. صدر ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته جي ڊي وينس جي سربراهي ۾ آمريڪي وفد اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي، جيڪو رات دير سان پهچندو. رائٽرز ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته ايراني وفد اڱاري تي صبح اسلام آباد پهچندو.  ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو هو ته ايراني وفد آمريڪا سان ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ پاڪستان نه ويندو، ۽ ايران جو ڳالهين جي ٻئي دور ۾ حصو وٺڻ جو ڪو به ارادو ناهي.اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي، اسان پاڪستاني ثالث کي ٻڌايو آهي ته اسان ڳالهين لاءِ اسلام آباد نه اچي رهيا آهيون، ۽ جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر حملو ڪيو ته اسان ڀرپور جواب ڏينداسين.هن چيو ته آمريڪا ظاهر ڪيو آهي ته هو سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنجيده ناهي، آمريڪا جارحاڻي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ جنگ بندي جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪي تجويزون بي معنيٰ آهن ۽ ان جا مطالبا غير حقيقي آهن، ايران واضح طور تي پنهنجا مطالبا بيان ڪيا آهن ۽ انهن کي تبديل نه ڪندو.اسماعيل بقائي چيو ته جڏهن ايران جي قومي مفادن جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي، ته اسان ڊيڊ لائن يا الٽيميٽم تي يقين نٿا رکون.

تبصرے بند ہیں۔