ڪراچي: پاڪستان کي سعودي عرب طرفان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي ٻئي قسط هڪ ارب ڊالر پاڪستان ملي ويا آهن. انهي کان اڳ 2 ارب ڊالرن جي پهرين قسط 15 اپريل تي ملي وئي هئي.
ياد رهي ته 15 اپريل تي اسٽيٽ بينڪ بيان ۾ ٻڌايو هو ته سعودي ناڻي واري وزارت طرفان 2 ارب ڊالر وصول ٿيڻ سان گڏ ئي پاڪستان جي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي 3 ارب ڊالر جي فنانسنگ جي يقين دهاني به ڪرائي آهي. جنهن کان پوءِ سعودي عرب پاڪستان ۾ رکيل 3 ارب ڊالر جا ڊپازٽ به رول اوور ڪري ڇڏيا هئا جنهن جي لاءِ اسٽيٽ بينڪ ۽ سعودي فنڊ براءِ ترقي جي وچ ۾ باقاعده معاهدو طئي ٿي ويو هو، جنهن تي آمريڪا ۾ صحيحون پڻ ڪيون ويون هيون.
ناڻي واري وزارت موجب وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ هڪ اهم مالي معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جو سفير به موجود هو. اها تقريب عالمي بينڪ ۽ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي بهار اجلاس 2026 جي موقعي تي منعقد ٿي هئي.
انهي سلسلي ۾ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو هو ته اهو معاهدو سعودي فنڊ براءِ ترقي(ايس ايف ڊي) ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان(ايس بي پي) جي وچ ۾ طئي ٿيو هو جنهن جي تحت اسٽيٽ بينڪ ۾ رکيل 3 ارب ڊالر جي سعودي ڊپازٽ جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔