ڪراچي: وڏي وزارت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، 140 ارب روپين جي وفاقي پي ايس ڊي پي پورٽ فوليو جو جائزو

ڪراچي.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾  140 ارب رپين جي وفاقي پي ايس ڊي پي پورٽ فوليو جو جائزو ورتو ويو.  اجلاس ۾ ڄام خان شورو، علي حسن زرداري، آصف حيدر شاهه، نجم شاهه، فياض جتوئي سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس ۾ وڏن روڊن جي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪري وقت سر ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

اجلاس ۾ بريفنگ دوران چيو ويو ته مالي سال 2026-27 لاءِ نئين ترقياتي حڪمت عملي ۽ ڪنيڪٽيوٽي منصوبن کي حتمي شڪل ڏني وڃي.  سنڌ ۾ 5 وڏن روڊ منصوبن تي 140.9 ارب رپين لاڳت تي بريفنگ ڏني وئي.  سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي واڌ ۽ روهڙي-گڊو بيراج روڊ جي سڌاري جي جاري ڪمن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.  جنهن ۾ مهراڻ هاءِ وي کي ڊبل ڪرڻ ۽ سانگهڙ-روهڙي اين 5 روڊ سڌارو شامل آهي.

اجلاس م بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ۾ 17.94 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، جنهن سبب منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري  آهي.  اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته انتظامي يا فني دير ناقابل قبول آهي،  سمورا کاتا مقرر وقت اندر منصوبا مڪمل ڪن، وزير اعلي سوئي گيس پائپ لائينن ۽ بجلي پولن جي منتقلي فاسٽ ٽريڪ ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تعميراتي معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، سمورن ڪمن جي مڪمل طور تي جاچ ڪئي ويندي، روڊ رستا معيشت لاءِ لائف لائين آهن،  اجلاس م وڏي وزير جيڪب آباد-ڪنڌڪوٽ ۽ ٺٽو-بدين جي رود رستن کي ڊبل ڪرڻ جون تجويزون به منظور ڪري ورتيون.اجلاس ۾ دادو کان ڏوڪري تائين 84 ڪلوميٽر ڊوئل ڪيرييج وي ٺاهڻ جي تجويز به شامل آهي. وڏي وزير اجلاس ۾ چيو ته هي منصوبا هيٺين ۽ مٿين سنڌ ۾ رابطن کي بهتر بڻائيندا بهتر روڊ رستا زراعت، صنعت ۽ سامونڊي واپار لاءِ ضروري آهن، ترقياتي اسڪيمن جي سخت نگراني ۽ فنڊن جي شفاف استعمال کي يقيني بنايو وڃي.

 

 

 

تبصرے بند ہیں۔