اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي جڏهن ته بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 820 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي.
ملندڙ ڄاڻ موجب سموري ملڪ ۾ بجلي جي گڏيل طلب 22 هزار ميگاواٽ آهي جڏهن ته بجلي جي پيداوار 17 هزار 180 ميگاواٽ تائين محدود آهي جنهن سبب طلب ۽ رسد ۾ واضح فرق سامهون اچي رهيو آهي.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پن بجلي ذريعن کان 4 هزار 500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جڏهن ته ٿرمل بجلي گهرن جي پيداوار 7 هزار 900 ميگاواٽ تائين آهي. انهي کان علاوه سولر پاور پلانٽس 420 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، ايٽمي بجلي گهرن جي پيداوار 2 هزار 880 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن بيگاس کان 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ونڊ پاور پلانٽس 1380 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. اختيارين موجب بجلي جي طلب ۽ پيداوار ۾ واضح فرق سبب سموري ملڪ ۾ گڏيل طور تي 8 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔