شادي جي 19هين سالگره تي ايشوريا راءِ جي انسٽاگرام پوسٽ وائرل

ممبئي:  بالي ووڊ جي سپر اسٽار ايشوريا راءِ پنهنجي شادي جي 19هين سالگره تي سوشل ميڊيا پوسٽ شيئر ڪئي جيڪا تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي.

ايشوريا راءِ ۽ اداڪار ابهيشيڪ بچن 20 اپريل 2007 تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئي، ٻنهي جي هڪ ڌيءَ ارادهيا آهي. شادي جي  سالگره جي موقعي تي اداڪاره انسٽاگرام تي ابهيشيڪ ۽ ارادهيا سان گڏ تصوير شيئر ڪئي، جڏهن ته ايشوريا جي هٿ ۾ گلدستو به ڏٺو ويو.

پنهنجي من پسند اداڪاره جي سوشل ميڊيا تي پوسٽ تي ڏسي مداحن  ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي، ڇو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اداڪار جوڙي جي وچ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون سرگرم هيون پر ڪيترائي ڀيرا ابهيشيڪ انهن کي افواهون قرار ڏئي رد ڪري چڪو هو.

ايشوريا راءِ جي انهي پوسٽ تي ديويا دته ۽ ڪاجول سميت ڪيترن ئي فنڪارن طرفان ڪمنٽس ڪيا ويا ۽ جوڙي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔