پنجاب حڪومت صوبي جي 10 ضلعن ۾ نيون اليڪٽرڪ بسون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور: پنجاب حڪومت صوبي جي 10 ضلعن ۾ نيون اليڪٽرڪ بسون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ 10 ضلعن ۾ نيون اليڪٽرڪ بسون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ ماس ٽرانزٽ سسٽم پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته وزيراعليٰ تعلقه ليول تي 1500 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جي لاءِ پلان به طلب ڪري ورتو.

بريفنگ ۾ وزيراعليٰ مريم نواز کي ٻڌايو ويو ته اٽڪ، بکر، حافظ آباد، خانيوال، ليه، شيخوپوره، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُالدين ۽ اوڪاڙه ۾ اليڪٽرڪ بسون ڏنيون وينديون.

بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هر ڊويزن ۾ اليڪٽرڪ بسن جي لاءِ خصوصي بس ڊپو قائم ٿيندو. هلندڙ مهيني 100، مئي جي وچ تائين 350 ۽ جون جي آخر تائين 264 اليڪٽرڪ بسون پنجاب ۾ پهچي وينديون.

انهي کان علاوه فري ٽرانسپورٽ جي تحت 21 روٽس تي سوا لک مسافر فائدو حاصل  ڪندا ۽ فري ٽرانسپورٽ پروگرام جي تحت بسن جا 3560 ٽرپ ٿيا.

ٻئي طرف پنجاب ۾ پهرين اي ٽيڪس اسڪيم تي اڳڀرائي جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته مئي ۾ 194 ۽ جون ۾ 208 اي ٽيڪسيون اينديون. انهي موقعي تي وزيراعليٰ ميٽرو بس اسٽيشن جي تعمير، مرمت جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي نئين ڊيزائن جي منظوري ڏني ۽ سرڪاري ملازمن جي لاءِ اي بائيڪ پروجيڪٽ جي منظوري به ڏني وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔