اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ 8 کان 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهرين کي سخت گرمي ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي گڏيل پيداوار 15 هزار 400 ميگاواٽ آهي جڏهن ته بجلي جي طلب 22 هار ميگاواٽ تائين رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته مختلف ذريعن کان بجلي جي پيداوار ۾ پن بجلي هڪ هزار 500 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته ٿرمل ذريعن کان 9 هزار 250 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.
اهڙي طرح سولر پاور پلانٽس 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ بيگاس کان بجلي جي پيداوار 200 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. هوڏانهن ونڊ پاور پلانٽس مان هڪ هزار 200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي جڏهن ته نيو ڪليئر پاور پلانٽس جي پيداوار 2 هزار 850 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي جنهن ڪري سموري ملڪ ۾ اضافي لوڊشيڊنگ جو سلسلو برقرار آهي.
تبصرے بند ہیں۔