ايران سان جنگ جلد ختم ٿيڻ واري آهي، ٽرمب جي وڏي دعويٰ سامهون اچي وئي

واشنگٽن:   آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي خلاف جاري جنگ جلد ختم ٿيڻ واري آهي، حالتون تيزي سان  ڪنهن معاهدي جي طرف وڌي رهيون آهن.

آمريڪي خابرو اداري(فاڪس نيوز) کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منهنجو خيال آهي ته جنگ تمام جلد ختم ٿيڻ واري آهي مان انهي کي تقريبن ختم سمجهان ٿو،  ٽرمپ جي اهڙي بيان جو هڪ ڪلپ آمريڪي ميڊيا تي نشر ڪيو ويو آهي.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ ظاهر ٿي ويندي، ٽرمپ موجب ايران معاهدو ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته ايران تمام جلد معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر  هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي خلاف جنگ نه ڪري ها ته ايران هينئر تائين ايٽمي هٿيار حاصل ڪري چڪو هجي ها. هن چيو ته آمريڪي ڪارروائين ايران جي ايٽمي ارادن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

تجزيه ڪارن موجب صدر ٽرمپ جو اهڙو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي پر سفارتي ڪوششون به جاري آهن ۽ امڪاني جنگبندي يا معاهدي جي اميد ڪئي پئي وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔