اورنگزيب جون اهم ملاقاتون، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق

واشنگٽن :وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار جي اجلاس 2026 جي موقعي تي اهم ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ انهن معاشي صورتحال تي بحث ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار جي اجلاس 2026 جي موقعي تي آءِ ايم ايف جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جهاد اظهر ۽ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف مشن ٽيم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن سڌارن ۽ معاشي صورتحال تي بحث ڪيو.ناڻي واري وزير اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جلد ان جي منظوري ڏيندو ته جيئن پاڪستان جي سڌاري پروگرام جي رفتار برقرار رهي.ملاقات دوران، سينيٽر اورنگزيب وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي پاڪستان جي معيشت تي اثرن کان آگاهه ڪيو ۽ ان کي تازن وقتن جي وڏي سپلائي جھٽڪن مان هڪ قرار ڏنو.محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت هن بحران جي ٻئي ۽ ٽئين سطح جي اثرن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏئي رهي آهي، خاص طور تي معاشي ترقي ۽ افراط زر جي حوالي سان. هن يورو بانڊ جي ڪامياب ادائيگي جو به ذڪر ڪيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته حڪومت ايندڙ سڀني ٻطرفي ۽ گهڻ طرفي مالي ذميوارين کي وقت تي پورو ڪندي.ٻنهي ڌرين مالي ۽ ڍانچي سڌارن ۾ پيش رفت ۽ آمدني وڌائڻ جي ڪوششن تي پڻ بحث ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔