اسلام آباد: وفاقي حڪومت مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۾ 1 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، ان سلسلي ۾،آءِ ٽي اي آءِ وزارت اي آءِ لاءِ بنيادي انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پلان شروع ڪري رهي آهي، AI جي ترقي لاءِ جديد ڪمپيوٽنگ پاور ۽ GPUs فراهم ڪيا ويندا، AI انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ Ignite National Technology Fund ذريعي شروع ڪيو ويندو.ڪمپيوٽنگ پاور ۽ GPUs سرڪاري ۽ خانگي شعبن کي فراهم ڪيا ويندا، AI تحقيق ۽ ترقي لاءِ صنعتن کي وسيلا فراهم ڪيا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته GPUs جي فراهمي جديد ڪمپيوٽنگ لاءِ هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔