زمبابوي وومين ٽيم هن مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي

ڪراچي : زمبابوي وومين ڪرڪيٽ ٽيم 29 اپريل تي پاڪستان جي دوري تي پهريون ڀيرو ڪراچي پهچندي.سيريز ۾ ڪراچي ۾ 6 وائيٽ بال ميچز ٿينديون.3 ون ڊي ميچز آءِ سي سي وومين چيمپيئن شپ 2025-29 جو حصو هوندا.سڀئي ميچز نيشنل بينڪ اسٽيڊيم، ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا.ون ڊي ميچز 3، 6 ۽ 9 مئي تي شام 3:30 وڳي شروع ٿيندا.ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز 12، 14 ۽ 15 مئي تي کيڏي ويندي.ٽي 20 انٽرنيشنل ميچز شام 7:30 وڳي شروع ٿيندا.ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ڪندي.وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ 12 جون کان 5 جولاءِ تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ کيڏيو ويندو.پاڪستان وومين ٽيم ورلڊ ڪپ کان اڳ آئرلينڊ ۾ 3 ملڪي سيريز پڻ کيڏندي.

تبصرے بند ہیں۔