ڳالهين لاءِ پاڪستان اچڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي: ايراني پرڏيهي وزير

تهران:  ايران جي پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستان جي لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي ٿورو ادا ڪيو.

تفصيل موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جا ٿورائتا آهيون ۽ اسلام آباد اچڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي، اسان جي اوليت هڪ غيرقانوني جنگ جي مستقل ۽ حتمي خاتمي جي شرط آهي جيڪا اسان تي مڙهي وئي آهي.

هن چيو ته ايران ڪنهن به اهڙي حل ۾ دلچسپي نٿو رکي جيڪا جنگ جي مڪمل ۽ پائيدار خاتمي جي ضمانت ڏئي، ايران پاڪستان جي مضبوط يڪجهتي ۽ حمايت تي پهريان به کليل طريقي سان ٿورو ادا ڪيو آهي. آخر ۾ ايراني پرڏيهي وزير اردو ۾ نعرو به لڳايو ته پاڪستان زنده آباد، مهرباني پاڪستان.

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ واضح طور تي چيو ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيل ڪنهن به ڳالهين جو حصو بنجڻ کان انڪار نه ڪيو آهي. هن ايراني انڪار جي حوالي سان مغربي ميڊيا جي هٿ ٺوڪين ڪهاڻين جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اهو بيان مغربي ۽ ڀارتي ميڊيا سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ موجود انهن جي سهولتڪارن طرفان هلايل ڊس انفارميشن مهم جو خاتمو ڪرڻ آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔