ڪراچي: سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ اسڪول ڪاليجز ۽ يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل سڀاڻي کان بحال ٿي ويندو. سنڌ ۾ آن لائن ڪلاسز جي بجاءِ فزيڪل ڪلاسز ٿيندا. هفتي جا 2 ڏينهن تعليمي ادارا بند رهندا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي سينئر صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ته ڪندي آه پر چونڊن کان ڀڄي ويندي آهي. هن چيو ته سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ گرائونڊ بنائڻ جي لاءِ منظوري ڏني، مزارن ۽ مذهبي هنڌن تي ترقياتي ڪمن جي به منظوري ڏني آهي.
صوبائي وزير ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ته ڪندي آهي پر بلدياتي چونڊن کان ڀڄي ويندي آهي، فاروق ستار جي ڳالهين کي اهميت نه ڏيو اهو اڄڪلهه گهڻو پريشان آهي.
ٻئي طرف پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن مان انتهائي گهربل ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن. ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن نجات مهراڻ جي بدولت امن قائم ٿيو، آپريشن نجات مهراڻ، گهوٽڪي، سکر، شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۾ ڪيو ويو.
ضياءَ لنجار موجب ڪچي جي 393 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا، سکر کان بهاوالپور جو سفر مشڪل هو پر هاڻ انهي کي محفوظ بنايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۾ اي ٽي سي جي ججز جي مقرري جي درخواست ڪئي آهي، دادو سيشن ڪورٽ ۾ پهريان به واقعا ٿي چڪا آهن. ڪالهه جو فيصلو وڏو هو، اسان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ڌر کي ڪوبه نقصان نه پهچي، فائرنگ ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔