اسان ايران جنگ ۾ اڌ کان وڌيڪ مقصد حاصل ڪري ورتا آهن: نيتن ياهو

تل ابيب:  اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي خلاف جنگ ۾ اڌ کان وڌيڪ مقصد حاصل ڪري ورتا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب نيتن ياهو هڪ آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته اسان هن جنگ ۾ اڌ کان وڌيڪ حدف حاصل ڪري ورتا آهن پر هن جنگ جي خاتمي بابت مان هن وقت ڪجهه به نٿو چئي سگهان.

هن چيو ته جنگ ايران جي پاسداران انقلاب جي هزارين ڪارڪنن جي مارجي وڃڻ سميت ڪيترائي ٻيا حدف حاصل ڪري ورتا آهن، اسان هٿيارن جي صنعت کي ختم ڪرڻ جي به ويجهو پهچي چڪا آهيون.

نيتن ياهو انهي اعتماد جو به اظهار ڪيو ته ايران جي اسلامي جمهوريه ختم ٿي ويندي پر انهن اضافو ڪيو ته جنگ جو مقصد اهو نه هو. ياد رهي ته 28 فيبروري تي اسرائيل سان جنگ شروع ٿيندي ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اهو آپريشن 4 کان 6 هفتا جاري رهندو.

سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو دعويٰ ڪئي هئي ته جنگ مهينن جي بجاءِ هفتن تائين جاري رهندي. نيتن ياهو ۽ ٽرمپ هر ڀيري  الزام لڳايو ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ وارو آهي جڏهن ته اهي الزام گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري جي رپورٽ خلاف آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔