آءِ ايم ايف وفد جو ايندڙ مهيني پاڪستان پهچڻ جو امڪان، ايف بي آر جي ڪمزور ڪارڪردگي وڏو چيلينج بڻيل

اسلام آباد:  عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ايندڙ مهيني پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ايف بي آر جي ڪمزور ڪارڪردگي وڏي چيلينج جي طور تي سامهون ايندي.

ايندڙ مهيني تائين عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جو وفد پاڪستان جي دوري تي اچڻ جو امڪان آهي جتي هو بجيٽ 2026-27 جي تياري ۽ ملڪ جي اهم معاشي حدفن تي تفصيلي ڳالهيون ڪندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي لاءِ سڀني کان وڏو چيلينج فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي ڪمزور ڪارڪردگي هوندي، ڇو ته ٽيڪس حدف هر ڀيري پورا نه ٿيڻ سبب انهي اداري بابت ڳڻتي واري صورتحال برقرار آهي. آءِ ايم ايف وفد ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ روينيو ۾ اضافي جي لاءِ دٻاءُ برقرار رکندو. انهي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيجيٽل ٽيڪس نظام ۽ انوائسنگ جي لازمي لاڳو ڪرڻ تي به زور ڏنو ويندو ته جيئن ٽيڪس وصولين ۾ بهتري اچي سگهي.

هوڏانهن توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ بجلي، گيس جي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ تي به مشاورت جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف وفد سان نجڪاري پروگرام ۽ سرڪاري ادارن جا اصلاحات وارا معاملا به غور هيٺ ايندا. انهي کان علاوه گورننس، شفافيت ۽ ڪرپشن جي خلاف قدمن تي به ڌيان ڏنو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آئنده ريويو ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي آءِ ايم ايف طرفان نئين قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. جڏهن ته حدف پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ شرطون لاڳو ٿيڻ جو امڪان پڻ موجود آهي.

تبصرے بند ہیں۔