اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا هيڊڪوارٽر جي دوري دوران اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي اجلاس دوران چيئرمين نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير گهرو وزير کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ جاري توڙي ايندڙ منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا جي ڪارڪردگي ۽ مؤثر عوامي خدمتن کي ساراهيو
اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته غير قانوني پرڏيهي ماڻهن جي نيڪالي لاءِ نادرا قانون نافذ لاڳو ڪندڙ ادارن کي مڪمل معاونت فراهم ڪري، هن غير قانوني طور تي پاڪستاني شهريت حاصل ڪندڙ ماڻهن جي فوري سڃاڻپ يقيني بڻائي قومي ڊيٽابيس مان خارج ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ نادرا جي خدمتن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. گهرو وزير عوامي سهولت لاءِ وڌيڪ جديد خدمتون متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
محسن نقوي چيو ته وڏن شهرن ۾ نادرا جا اسٽيٽ آف دي آرٽ دفتر ڪرائي جي عمارتن بدران پنهنجي ملڪيت واري جاءِ خريد ڪري ٺاهيا وڃن، گهرو وزير ان سلسلي ۾ ماسٽر پلان طلب ڪري ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطن ۽ وزارت سطح تي ڀرپور سهڪار جي يقين دهاني ڪرائي. اجلاس ۾ نادرا طرفان بريفنگ ۾ گهرو وزير کي ٻڌايو ويو ته شهرين کي خدمتون ۽ سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ نادرا ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، بايوميٽرڪ لاءِ چهري جي تصوير ذريعي تصديق واري نظام جي مؤثر نفاذ لاءِ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار جي ضرورت آهي. نادرا پاران لکين فوت ٿيل ماڻهن جا شناختي ڪارڊ منسوخ ڪيا ويا آهن.
سڃاڻپ ڪارڊ سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ 30 ڏينهن جي مدت مقرر ڪئي وئي جڏهن ته پي ٽي اي جي تعاون سان فوت ٿيل ماڻهن جي نالي تي جاري ٿيل موبائل سمز بلاڪ ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور ۽ نادرا جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔