تهران: آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي شهر اصفهان تي خطرناڪ بمباري دوران 2 هزار پائونڊ وزني بمن جي برسات ڪري ڇڏي.
عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪا اصفهان ۾ هڪ وڏي هٿيارن جي ڊپو کي نشانو بنايو آهي. آمريڪي اختيارين موجب انهي حملي ۾ 2 هزار پائونڊ وزني بنڪر بسٽر بم استعمال ڪيا ويا.
انهي حملي جو حدف اصفهان ۾ هٿيارن جو ڊپو هو، حملي کان پوءِ زوردار ڌماڪا ٿيا، ڌماڪن جي وڊيوز به سامهون اچي وئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهي حملي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جنهن جو مقصد ايران کي وڌيڪ سخت پيغام به ڏيڻ هو. ياد رهي ته ڪجهه رپورٽن ۾ اصفهان کي ايٽمي ٺڪاڻن جو علائقو بنايو ويو آهي پر انهي مخصوص حملي جو حدف گهڻو ڪري هٿيارن جو ڊپو ۽ فوجي انفرااسٽرڪچر ٻڌايو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔