اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل صورتحال ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڪمزور ۽ وچولي طبقي کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهيون.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پاڪستان ۾ موجود تيل جي ذخيرن ۽ عوامي رليف جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. جنهن دوران تيل جي بچت وارن قدمن تي عمل ڪرڻ ۽ سادگي مهم تي اڳڀرائي بابت انٽيليجنس بيورو جي آڊٽ رپورٽ به اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيل جا مناسب ذخيرا موجود آهن، آئنده لاءِ به انتظام ڪيا پيا وڃن.
اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ دوائن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، وڏين گاڏين ۾ هاءِ آڪٽين ايندهن تي ليوي ۾ اضافي سبب جيٽ فيول جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪئي وئي آهي. انهي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موجوده حالتن ۾ قرباني جو سلسلو حڪومتي خرچن ۾ ڪٽوتي سان شروع ڪيو ويو، سرڪاري خرچن ۾ گهٽتتائي، ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ۽ 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏين کي فوري طور تي بند ڪيو ويو.
هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويزن کي ڪيترائي ڀيرا رد ڪري بچت وارن قدمن سان حاصل ڪيل رقم عوامي رليف لاءِ استعمال ڪئي وئي. ڊيجيٽل نظام کي ڪتب آڻيندي عوامي رليف جا قدم عام ماڻهو تائين پهچائينداسين. هن چيوته ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهيون. مشڪل جي هن گهڙي ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين بحران جي باوجود وقت تي ڪيل فيصلن جي بدولت الله جي فضل ڪرم سان تيل جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي اچڻ نه ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي حوالي سان سفارتي محاذ تي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔