راولپنڊي: شادي جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ ڪنوار گرفتار، گهوٽ فرار

راولپنڊي:   راولپنڊي پوليس مندره ٿاڻي جي علائقي گوهڙه ۾ شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ ڪنوار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڪنوار وٽ هٿيار جو لائسنس به نه هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنوار ثناءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهوٽ شهريار موقعي تان فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

پوليس موجب واقعو مندره ٿاڻي ۾ گذريل رات پيش آيو، ڪنوار جي فائرنگ ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي  ڪندي ڪيس داخل ڪري پستول ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته گهوٽ ڪنوار کي پسٽل ڏنو، فوٽو گرافر ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪنوار فائر شروع ڪري ڏنا، ڪنوار به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ليڊي ڪانسٽيبل سندس ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو.  پوليس موجب مخبر هوائي فائرنگ جي ڳجهي اطلاع پوليس کي ڏني هئي جڏهن ته ڪنوار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪنوار جي وارثن ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

واقعي جو ڪيس پوليس جي اي ايس آءِ وسيم اختر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو۔ ايف آءِ آر جي متن موجب، فائرنگ جي اطلاع ملڻ تي پوليس گوهڙه پهتي، جتي گهوٽ ۽ ڪنوار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه فاصلي تي ڪنوار کي گرفتار ڪيو ويو۔ پوليس ڪنوار وٽان هڪ پسٽل ۽ ان سان گڏ چار  گوليون به هٿ ڪري ورتيون آهن۔

 

تبصرے بند ہیں۔