ڪراچي: بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارانوپم کير پنهنجي گنج پڻي بابت هڪ دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي۔ ڀارتي ميڊيا موجب، جڏهن انوپم کير 1981 ۾ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو ته سندس مٿي تي وار نه هئا، ٻين لفظن ۾ هو گنجو هو، ۽ ڪيترن ماڻهن سندس اداڪار بڻجڻ جي خواب تي سوال اٿاريا۔ بهرحال، بعد ۾ هن دل والي دلهنيا ليجائين گي، هم آپ ڪي هين ڪون ۽ ڪشمير فائلز جهڙيون سپرهٽ فلمون ڏنيو.
تازو هڪ ڀارتي ميڊيا اداري کي انٽرويو ڏيندي هن انڪشاف ڪيو ته وارن جي پيوندڪاري (هيئر ٽرانسپلانٽ) ڪندڙ ڪمپنين کيس پئسن جي آڇ ڪئي ته هو وار لڳرائي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو۔
هن چيو ته مان هر هيئر ويونگ ڪمپني يا ڊاڪٽر جو خواب آهيان، ۽ ڪيترائي ماڻهو مون کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهن ته مان هڪ ڀيرو وار لڳرائيان، پر مون کين اهو موقعو نه ڏنو۔ ڀلي مون کي ڪيتري به پئسن جي ضرورت ڇو نه پوي، مان اهي پئسا نه وٺندس، ڇو ته مون کي لڳي ٿو ته پوءِ مان اهو ماڻهو نه رهندس جيڪو هاڻي آهيان۔
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن منهنجو پٽ سڪندر ننڍو هو ته مان اخبار پڙهي رهيو هئس، مون کي خبر نه هئي ته ان ۾ هيئر آئل جو اشتهار آهي۔ سڪندر کي لڳو ته مان اهو اشتهار ڏسي رهيو آهيان، تنهنڪري هن چيو: “ڊيڊ، ان بابت سوچجو به نه!” مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو ته منهنجي خاندان ۾ مزاح جو احساس آهي، جيڪو گهڻو مددگار آهي۔
اگلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔