ڪفايت شعاري: هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ مان 100 ارب روپين جي وڏي ڪٽوتي

اسلام آباد:   وفاقي حڪومت ملڪي مالياتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وفاقي ترقياتي بجيٽ مان 100 ارب روپين جي وڏي ڪٽوتي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال انهي ڪٽوتي جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي آهي هن ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت طرفان پي ايس ڊي پي ۾ 100 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پي ايس ڊي پي ۾ شامل سمورن ترقياتي منصوبن جي بجيٽ مان 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. اهڙي قدم سان گڏيل حجم هڪ هزار ارب روپين کان گهٽ ٿي ويو آهي. هاڻ هلندڙ مالي سال جي لاءِ رکيل وفاقي ترقياتي بجيٽ جو حڪم گهٽ ٿي 900 ارب روپيه رهجي ويو آهي.

اهو فيصلو وفاقي حڪومت طرفان هن وقت جاري ڪفايت شعاري مهم ۽ مالياتي استحڪام کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي خاطر 72 ارب روپين جي ڳري سبسڊي اڳ ئي ڏئي چڪي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي تازي خطاب ۾ اهو واضح ڪيو هو ته عوام تي پيٽروليم شين جو بار منتقل ڪرڻ جي بجاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. حڪومت انهي حڪمت عملي جي تحت مالياتي نظم وضبط برقرار رکيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔