اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اعتماد ۾ وٺندو، انهي سلسلي ۾ اڄ ملاقات جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي راشن بندي لاءِ ڊيجيٽل نظام آڻي رهي آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام جو ايوان صدر ۾ آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪند، جنهن دوران پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ انهن کي اعتماد ۾ پڻ وٺندو. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين تي 100 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي چڪي آهي جنهن جي بينيفشري سموري ملڪ جي عوام آهي ۽ وزيراعظم صوبائي حڪومتن سان به سبسڊي ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي راشن بندي جي لاءِ ڊجيٽل نظام آڻي رهي آهي حڪومت هڪ ايپ تيار ڪري رهي آهي جنهن کي پيٽروليم شين جا صارفين لوڊ ڪري سگهندا جنهن ۾ هر شهري پنهنجي گاڏي جو نمبر ۽ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ درج ڪري ايپ ۾ رجسٽريشن ڪرائيندو.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت هر شهري جو انهي جي صورت ۽ دستيابي موجب پيٽروليم ڪوٽه مقرر ڪندي، هر شهري کي ايپ ۾ طئي ٿيل ڪوٽا موجب روزاني جو پيٽرول يا ڊيزل ملي سگهندو انهي سلسلي ۾ حڪومت گڏيل مارچ کان هن مارچ تائين پيٽروليم شين جي استعمال جو جائزو ورتو آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم شيون مهانگيون هجڻ جي باوجود استعمال ۾ گهٽتائي جي بجاءِ اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم پيٽروليم سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ ۽ راشن بندي ايپ تي صدر آصف علي زرداري کي اعتماد ۾ وٺندو.
تبصرے بند ہیں۔