اسلام آباد: خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي اهم ملاقات ٿي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهم قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ وزيراعظم ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار تي بلاول ڀٽو زرداري کي اعتماد ۾ ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي به شريڪ هئا، ٻنهي وڏن وزيرن وزيراعظم کي صوبن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون بابت حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.
ذريعن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ وزيراعظم سان گڏ حڪومتي وزير به شريڪ هئا.
تبصرے بند ہیں۔