اسلام آباد: آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن خدشا ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ سموري ملڪ جا هزارين پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايسوسيئيشن پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ سان فوري ملاقات لاءِ خط اماڻي ڇڏيو آهي، 6 مارچ تي به خط اماڻيو ويو هو پر انهي جو اڃان تائين ڪوبه جواب نه مليو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم سيڪٽر کي آپريشنز، مالي مشڪلات، قيمتن ۽ اوچتو پاليسي تبديلين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومت پاليسي سازي ۾ صنعت جي اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪري، سموري ملڪ جي 14 کان 15 هزار پيٽرول پمپ مالڪن کي پيش ايندڙ مسئلا فوري طور تي ڌيان طلب آهن.
ايسوسيئيشن طرفان لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مطالبا نه مڃيا ويا ته سموري ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين، پيٽرول پمپ بند ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ ٻارڻ جي تيل جو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، امڪاڻي بحران جي ذميواري پيٽروليم واري وزارت تي لاڳو ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔