ڪراچي : سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪراچي رجسٽري جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب، 16 کان 19 مارچ تائين ڪل 82 ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ چئن ڏينهن ۾ 73 ڪيس نمٽا ڪيا.بينچ ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي شامل هئا. چئن ڏينهن دوران هن بينچ جي سامهون ڪل 113 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا.ان کان علاوه، جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٽن ڏينهن ۾ 8 ڪيسن جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي مشتمل بينچ هڪ ڪيس جو فيصلو ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔