ڪراچي: بليڪ لسٽ ڪيل 23 هزار گاڏين جي خلاف عيد کان پوءِ سخت ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي:  ٽريفڪ پوليس ڪراچي ۾ بليڪ لسٽ ڪيل 23 هزار گاڏين جي خلاف عيد کان پوءِ سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٽريفڪ انتظامن ۽ فيس ليس اي ٽڪيٽنگ سسٽم جي گڏيل ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ منعقد اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز سنڌ پوليس، هاءِ ويز پيٽرولنگ، سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرز، ٽريفڪ ڪراچي ٽي اينڊ ٽي، آءِ ٽي ڊي جي سيف سٽي اٿارٽي سميت ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ ڪيل ٽريفڪ انتظامن ۽ ٽريفڪ ريگوليشن اينڊ سائينيشن سسٽم جي گڏيل ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. انهي موقعي  تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عيد کان پوءِ بنا نمبر پليٽ جي موٽر سائيڪلون هلائيندڙن ۽ ٽريڪس سسٽم جي تحت بليڪ لسٽ ڪيل 23 هزار گاڏين جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 27 آڪٽوبر 2025 کان هينئر تائين تقريبن  6 لک اي ٽڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن. سسٽم جي بهتري، عوامي سهولت ۽ سروسز ۾ اضافي جي لاءِ مختلف نوعيت جا قدم به کنيا پيا وڃن. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڪراچي ۾ هلندڙ ڏينهن ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ اوچتو اضافي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي کي  هدايت ڏني آهي ته واقعن جي شفاف ۽ جامع جاچ ڪري رپورٽ  پيش ڪئي وڃي.

هن هدايت ڏني ته جاچ ۾ حادثن جا سبب ۽ انهي کان بچاءُ بابت موثر تجويزون به شامل ڪيون وينديون. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي دوران ٽريفڪ پوليس ڪراچي طرفان  ڪيل انتظام گڏيل طور تي اطمينان جوڳا رهيا آهن. جاويد عالم اوڍو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن هيوي وهيڪلز ڊرائيورز ۽ موٽر سائيڪل مالڪان جي خلاف موثر ڪارروائي جي لاءِ جامع تجويزون به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔