پي ايس ايل، ويسٽ انڊيز جو بالر جوزف ڪوئٽا جي ٽيم ۾ شامل

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي يارهين سيزن لاءِ ويسٽ انڊيز جي بالر الزاري جوزف ڪوئٽا گليڊيئٽرز جوائن ڪري ڇڏي آهي.
ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي انتظاميا موجب الزاري جوزف کي اسپينسر جانسن جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔
ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپينسر جانسن ذاتي سببن جي ڪري پي ايس ايل لاءِ دستياب نه آهي۔
ياد رهي ته ڪوئٽا گليڊي ايٽرز آسٽريليا جي اسپينسر جانسن سان سڌي طرح معاهدو ڪيو هو۔

تبصرے بند ہیں۔