ڪراچي: ميٽا پليٽ فارمز اعلان ڪيو آهي ته هو فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ ميسينجر ۾ ڌوڪي جي سڃاڻپ لاءِ نوان ٽولز متعارف ڪرائيندو۔
ڪمپني موجب انهن نون فيچرز جو مقصد اهو آهي ته جڏهن صارفين کي ڪنهن مشڪوڪ شيءِ سان منهن ڏيڻو پوي ته کين فوري طور الرٽ موڪليا وڃن۔
ميٽا طرفان فيس بڪ ۾ هڪ اهڙي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جيڪو صارفين کي مشڪوڪ فرينڊ رِڪوئسٽ بابت خبردار ڪندو۔
هن فيچر تحت جڏهن توهان کي ڪنهن اڪائونٽ کان فرينڊ رِڪوئسٽ ملي ٿي يا توهان موڪليندا آهيو ته ڪمپني طرفان مشڪوڪ سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويندو، جهڙوڪ گڏيل دوستن جو نه هجڻ يا حقيقي هنڌ بدران ڪنهن ٻئي ملڪ جو نالو لکيل هجڻ وغيره۔ توهان اهي الرٽ ڏسي سگهندا ته جيئن ان مطابق فرينڊ رِڪوئسٽ قبول يا رد ڪري سگهو۔
واٽس ايپ ۾ ميٽا طرفان ڊيوائس لنڪنگ وارننگ نالي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي۔ هن فيچر جو مقصد فراڊن کي روڪڻ آهي ته جيئن هو صارفين کي ڌوڪو ڏئي انهن جي اڪائونٽن سان پنهنجو ڊيوائس ڳنڍي نه سگهن۔
هن فيچر تحت واٽس ايپ طرفان خبردار ڪيو ويندو ته لنڪنگ جي درخواست مشڪوڪ آهي۔ انهن الرٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويندو ته اها درخواست ڪٿان آئي آهي ۽ ممڪنه ڌوڪي بابت به خبردار ڪيو ويندو۔
ميسنجر ۾ ميٽا طرفان ايڊوانسڊ اسڪيم ڊيٽيڪشن نالي فيچر وڌيڪ ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويندو۔ ڪمپني طرفان انهن ملڪن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا، پر هن فيچر تحت جڏهن توهان ڪنهن نئين رابطي سان چيٽ ڪندا ته ميٽا طرفان فراڊ سان لاڳاپيل روين کي نظر ۾ رکي خبرداري ڏني ويندي۔
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔