نيتن ياهو جيئرو آهي، نئين وڊيو جاري، رائٽرز جي تصديق

ڪراچي:  ايران پاران اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي مارجڻ جي خبرن بعد بن يامين نيتن ياهو هڪ ڪافي شاپ مان پنهنجي هڪ ويڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته مان جيئرو آهيان.
خبر موجب هن هڪ اسپتال، فوجي تنصيبات ۽ ايراني حملي ۾ تباهه ٿيل ٻن سائيٽس جو معائنو به ڪيو. هو ڪافي پيئندي پنهنجو هٿ به ڏيکاري ٿو ۽ چوي ٿو ته منهنجيون آڱريون ڳڻيو، پنج آهن يا ڇهه. ڇو ته ان کان اڳ چيو ويو هو ته هو مارجي ويو آهي ۽ سندس جاري ٿيل تصوير ۾ 6 آڱريون آهن.
سندس جاري ٿيل ويڊيو جي رائٽرز تصديق ڪئي آهي ته اها آچر جي ويڊيو آهي ۽ ان ڪافي شاپ جون سندن وٽ پراڻيون تصويرون موجود آهن، جن سان ڀيٽ ڪري ويڊيو جي تصديق ڪئي وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔