محرابپور: شاليمار ايڪسپريس کان پوءِ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ ٽرين پاڪستان ايڪسپريس به محرابپور ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، ريلوي انتظاميه موجب ريليف ٽرين روهڙي کان روانو ٿي چڪو آهي.
تفصيل موجب ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس محرابپور ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان پٽڙي تان لهي وئي آهي. اهو واقعو ضلع نوشهروفيروز جي شهر محرابپور جي ڀرسان پيش آيو آهي.
ريلوي ذريعن موجب ٽرين جو انجڻ ڊي ريل ٿيڻ سبب ريلوي ٽريفڪ متاثر ٿي وئي. اطلاع ملندي ئي ريلوي اختياريون ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون جيڪي صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن، ڪنهن به وڏي نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.
ياد رهي ته نوشهروفيروز ۾ ٽرين حادثي جو اهو ٻيو واقعو آهي. انهي کان اڳ ڪالهه لاکا روڊ ريلوي اسٽيشن تي شاليمار ايڪسپريس ۽ مال بردار ٽرين جي وچ ۾ ٽڪر جو حادثو پيش اچي چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ريلوي ملازم فوت جڏهن ته 8 زخمي ٿي ويا هئا.
تبصرے بند ہیں۔