آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ ٽرمپ جي مدد جي اپيل: برطانيه خاموش، فرانس، جاپان ۽ آسٽريليا پنهنجا بحري ٻيڙا اماڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
تهران: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا جي مختلف ملڪن کان اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي بحريه جا جنگي جهاز آمريڪا سان گڏ اماڻين ته جيئن اهم عالمي گذر گاهه آبنائي هرمز کي محفوظ ۽ کليل رکي سگهجي. پر هينئر تائين ڪنهن به ملڪ انهي تجويز تي واضح طور تي راضپو ظاهر نه ڪيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي چيو ته ڏکڻ ڪوريا، جاپان، فرانس، چين ۽ برطانيه جهڙي ملڪن کي انهي قدم ۾ حصو وٺڻ گهرجي ڇو ته انهن جون معيشتون به عرب جي تيل جي سپلائي تي ڀاڙينديون آهن. اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن. ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کان پوءِ تهران هرمز جي رستن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عالمي واپار ۽ توانائي جي ورهاست متاثر ٿي رهي آهي.
برطانوي اخبار موجب برطانيه آبنائي هرمز جي لاءِ بحري جهاز اماڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، برطانوي وزيراعظم اسٽارمپر ٽرمپ کي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جاپان، آسٽريليا ۽ فرانس به بحري جهاز اماڻڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقي چيو آهي ته ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي جهازن جي محفوظ گذرگاهن جي لاءِ ايران سان رابطو ڪيو آهي پر انهي باري ۾ حتمي فيصلو ايراني فوج ڪندي.
هوڏانهن ڀارت جي پرڏيهي وزير جي شنڪر ٻڌايو ته نئين دهلي ۽ تهران جي وچ ۾ ڳالهين کان پوءِ ڀارتي جهنڊن وارن 2 گيس ٽينڪرز کي هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. عالمي سطح تي انهي منصوبي تي رد عمل محتاظ رهيو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير جوبان ويڊپال انهي منصوبي تي شڪ جو اظهار ڪندي چيو ته جرمني ڪنهن نئين جنگي ڪارروائي جو حصو نٿو بنچڻ چاهي.
هوڏانهن ايران جي فوجي تنظيم پاسداران انقلاب جي ترجمان علي محمد آمريڪي صدر کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي لڳي ٿو ته ايران جي بحريه تباهه ٿي چڪي آهي ته هو پنهنجا جهاز خليج فارس ۾ اماڻي ڏسي وٺي. رپورتن موجب جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 آئل ٽينڪرز تي حملا يا حملن جون ڪوششون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته تقريبن هڪ هزار جهاز هرمز جي رستي ۾ ڦاٿل آهن. اهڙي صورتحال عالمي توانائي جي منڊي ۽ سامونڊي واپار جي لاءِ وڏا خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔