افغان حڪومت پاڪستاني شهرين کي نشانو بنائي ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آهي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته افغان حڪومت پاڪستاني شهرين کي نشانو بنائي ريڊ لائن ڪراس ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان جي شهري علائقن کي نشانو بنائڻ جي لاءِ افغان طالبان جي ڊرون حملن جي سخت  مذمت ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشت جي ذريعي افغانستان ۾ قائم غيرقانوني حڪومت مسلسل پنهنجي ذميوارين کان فرار ٿي رهي آهي.

هن چيو ته افغان حڪومت دهشتگرد گروپن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم نه ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ باوجود انهي کي نظر انداز ڪري رهي آهي. هاڻ انهي حڪومت ۾ اسلامي دنيا جي هڪ وڏي فوجي طاقت کي چيلنج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

صدر آصف زرداري چيو ته افغان حڪومت هڪ طرف دوست ملڪ سان ڳالهين جي ڪوشش  ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف هن پاڪستان جي شهرين کي نشانو بنائي ريڊ لائن ڪري ڪري ڇڏي آهي.

آصف زرداري چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مصروف عمل آهي. صدر ڪوئٽه، ڪوهاٽ، راولپنڊي ۾ ڊرون حملي سبب زخمي ٿيل ٻارن ۽ ٻين شهرين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. هن انهي ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔