فائيو جي اسپيڪٽر نيلام مڪمل،پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد :حڪومت ايندڙ هفتي کان ڪجهه شهرن ۾ 5جي  پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت کي هن مرحلي ۾ وڌيڪ 3 ملين ڊالر ملندا.اهڙي طرح، پاڪستان کي فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ ڪل 510 ملين ڊالر جي آمدني ملندي. فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حڪومت ايندڙ هفتي کان ڪجهه شهرن ۾ فائيو جي پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان موقعي تي آئي ٽي وزير شزا فاطمه چيو ته فائيو جي جي بولي جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ 480 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم وڪرو ڪيو ويو آهي. فائيو جي اسپيڪٽرم سان اسان ٽيڪنالاجي جي هڪ نئين ميدان ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. اڄ کان، فورجي سروس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ فائيو جي شروع ڪيو ويندو.ان حوالي سان، چيئرمين پي ٽي اي حفيظ الرحمان چيو ته پاڪستان ڊجيٽل ترقي جي رستي تي گامزن ٿي چڪو آهي، بولي جو عمل تمام شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو ويو.

تبصرے بند ہیں۔