پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي جواب طلب

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ ان کان جواب طلب ڪيو.جسٽس عابد عزيز شيخ هڪ وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته قيمتون اوگرا جي سمري جي روشني ۾ طئي ڪيون وينديون آهن.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حڪومت کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو لکت ۾ بيان ڪرڻ گهرجي.

تبصرے بند ہیں۔