اسلام آباد : پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (اسپارڪو) جو چوڻ آهي ته هن سال 30 روزا رکڻ جا امڪان آهن، عيد الفطر 21 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.اسپارڪو جو چوڻ آهي ته شوال جو چنڊ 19 مارچ تي صبح 6:23 تي پيدا ٿيندو، ۽ 19 مارچ تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر تقريبن 12 ڪلاڪ ۽ 41 منٽ هوندي. اسپارڪو جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 19 مارچ جي شام شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن، هن سال 30 روزا رکڻ جا امڪان آهن، ۽ عيد الفطر 21 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.شوال جي چنڊ جي آخري نظر اچڻ جو اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ڪندي.
تبصرے بند ہیں۔