ڍاڪا : بنگلاديش ٽاس کٽي پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو ته هن وڪيٽ تي 270 کان 280 تائين جو هدف سٺو هوندو.پاڪستان طرفان 4 رانديگر ون ڊي انٽرنيشنل ڊيبيو ڪري رهيا آهن، صاحبزاده فرحان، معاذ صداقت، عبدالصمد ۽ شميل حسين ون ڊي ڊيبيو ڪري رهيا آهن.پاڪستاني ٽيم ۾ محمد رضوان، سلمان علي آغا، حسين طلعت، فهيم اشرف، شاهين شاهه آفريدي، محمد وسيم ۽ ابرار احمد پڻ شامل آهن.
تبصرے بند ہیں۔