ڪراچي: سنڌ حڪومت 31 مارچ تائين اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اوڀر وچ اوڀر جي جنگي صورتحال ۽ ايڌڻ جي وڌندڙ قيمتن کي ڏسندي، هاڻي پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ پڻ تعليمي ادارن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزير اطلاعات سنڌ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 16 مارچ کان 31 مارچ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تنهن هوندي اسڪول بند هجڻ باوجود امتحان وقت تي ٿيندا، جڏهن ته ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ آن لائن ڪلاسز ٿينديون.
ٻئي پاسي، وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان چيو ته ڪابينا اسڪولن لاءِ ڊجيٽل نگراني نظام جي منظوري ڏئي، اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم پاليسي منظور ڪري ڇڏي آهي.
ترجمان موجب، موبائل ايپ ۽ ڊجيٽل ڊيش بورڊ ذريعي شاگردن جي حاضري ۽ داخلا جو رڪارڊ رکي سگهبو، نئون نظام شاگردن جي غير حاضري گهٽائڻ ۽ ڊراپ آئوٽ ريٽ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
ترجمان موجب، ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم هڪ سال اندر سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔