آپريشن غضب للحق،پڪتيڪا ۾ شاهين بيس گولا بارود جا ڊيپو تباهه

اسلام آباد :آپريشن غضب للحق تحت، پاڪستاني فوج پاران افغان طالبان ۽ فتنه الخارج خلاف اثرائتي زميني ۽ هوائي ڪارروائيون جاري آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستاني فوج پڪتيڪا ۾ شاهين بيس جي گولا بارود جي ڊپو کي تباهه ڪري ڇڏيو، ۽ سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنه الخارج جي بيس ۽ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج شوال ۽ ڏکڻ وزيرستان سان ملحق افغان طالبان جي پوسٽن کي به نشانو بڻايو ۽ انهن کي ڌماڪيدار مادو سان تباهه ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔