لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. لاهور کان راولپنڊي لاءِ ايگزيڪٽو جو ڀاڙو 2250 مان وڌي 2480 روپيه ٿي ويو آهي جڏهن ته لاهور کان راولپنڊي لاءِ ايگزيڪٽو پلس جو ڀاڙو 3350 مان وڌي 3680 روپيه ٿي ويو آهي.
لاهور کان ڪراچي جو ڀاٽو 3 هزار روپيه اضافي سان 13200 روپيه ٿي ويو آهي جڏهن ته لاهور کان مري جو ڀاڙو 3100 مان وڌي 3720 روپيه ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح لاهور کان صادق آباد جو ڀاڙو 700 روپيه اضافي سان 4200 روپيه ٿي ويو آهي جڏهن ته لاهور کان ملتان جو نئون ڀاڙو 3150 مان وڌي 3750 روپيه ٿي ويو آهي.
لاهور کان سيالڪوٽ جو نئون ڀاڙو 1800 مان وڌي 2150 روپيه جڏهن ته لاهور کان پاڪپتن جو ڀاڙو 350 روپيه اضافي سان 1750 روپيه ٿي ويو آهي لاهور کان سرگودها جو نئون ڀاڙو 350 روپيه اضافي سان 2000 روپيه ٿي ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔