بلوچستان ۾ 15 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي صدر ۽ وزيراعظم طرفان پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد:   وزيراعظم محمد شہباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلع هرنائي ۽ بسيمه ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنہ الخوارج ۽ فتنہ الھندوستان سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

وزيراعظم چيو ته عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. دهشتگردي جي هن جنگ ۾ سڄي قوم پاڪستان جي فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. اسان ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.

صدر آصف علي زرداری چيو ته هرنائي ۽ بسيمه ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل ڪارروائين دوران 15 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جو مارجي وڃڻ، سڪيورٽي فورسز جي پيشه ورانه صلاحيت ۽ عزم جو مظاهرو آهي. ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو پهريون ترجيح آهي. ملڪ جي حفاظت لاءِ غير متزلزل عزم ۾ سڄي قوم سڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔