اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي علاج لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ضلعي اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آهي.سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کان طلب ڪيل رپورٽ ۾ پڇيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ ڪيتري سزا ڪاٽي آهي؟جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو هڪ تحريري حڪم جاري ڪيو. تحريري حڪم ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست تي ٽي اعتراض ختم ڪيا ويا ۽ ٻه برقرار رکيا ويا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻن اعتراضن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته رجسٽرار آفيس متفرق درخواست کي نمبر ڏئي ۽ ان کي مکيه اپيل سان گڏ مقرر ڪري. رجسٽرار آفيس 10 مارچ تي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ اپيلن جي پيپر بڪ تيار ڪري.
تبصرے بند ہیں۔