خطي جي سيڪيورٽي صورتحال: وزيراعظم هائوس ۾ سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي ان ڪيمرا بريفنگ

اسلام آباد:  پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل سرحدي ڇڪتاڻ ۽ آمريڪا، اسرائيل جي ايران سان جنگ کان پوءِ خطي جي صورتحال لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي ان ڪيمرا بريفنگ ڏني ڏئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ ميمبرن لاءِ ان ڪيمرا بريفنگ شروع ٿي وئي آهي، ان ڪيمرا بريفنگ ۾ اپوزيشن پارٽي تحريڪ انصاف جو ڪوبه ميمبر شريڪ نه آهي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ف، متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جا ميمبر بريفنگ ۾ شريڪ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني اڳواڻن ۽ سياسي قيادت کي پرڏيهي وزارت جون اختياريون پرڏيهي صورتحال تي بريفنگ ڏينديون. سرڪاري اختيارين ايران اسرائيل تڪرار ۽ پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏينديون.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن فيصلو ڪيو هو ته عمران خان سان ملاقات تائين هو ڪنهن به حڪومتي گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ٿيندا.

تبصرے بند ہیں۔