تهران: ايران هڪ دفعو ٻيهر اسرائيل تي ميزائل حملن جو نئون سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا زخمي ٿيڻ جي اطلاع آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ۽ ملڪيتن کي پڻ نقصان پهتو آهي.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب والاريل بيت المقدس ۾ ميزائل ڪرڻ کان پوءِ باهه لڳي وئي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مغربي يروشلم تي ٿيل حملي ۾ 9 اسرائيلي شهري مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن موجب تل ابيب، يروشلم ۽ مغربي ڪناري جي مختلف علائقن ۾ به ميزائل حملا ڪيا ويا جنهن کان پوءِ سائرن جا آواز وڄندي ئي شهرين کي بنڪرن ۾ منتقل ڪيو ويو.
عرب ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جي دوران ڪويت ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ڀرسان دونهون اٿندي ڏٺو ويو آهي، عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب واقعي واري هنڌ تي فائر فائٽرز ۽ ايمبولينسون به پهچي ويون. ڪويت ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني پنهنجي ويب سائيٽ تي شهرين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته سفارتخاني جي طرف نه اچو، گهرن جي هيٺين منزل تي پناهه وٺو. درن کان پري رهو ۽ غير ضروري طور تي ٻاهر نه نڪرو، سفارتخاني خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملن جو خطرو لاڳيتو موجود آهي.
بحرين جي راڄڌاني، منامه، قطر جي راڄڌاني دوحه ۽ متحده عرب امارات جي راڄڌاني ابو ظهبي ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، آمريڪي خابرو اداري سي اين اين موجب دوحه ۽ دبئي ۾ ڪيترن ئي زوردار ڌماڪن ۽ جنگي جهازن جي اڏامن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن.
آمريڪي فضائيه جو هڪ ايف 15 ويڙهاڪ جهاز مبينه طور تي ڪويت ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پائلٽ جهاز ڪرڻ کان اڳ حفاظت سان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، واقعي جا سبب فوري طور تي سامهون نه اچي سگهيا آهن اختيارين طرفان جاچ جاري آهي. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ۾ جهاز کي باهه جي شعلن ۾ گهريل زمين جي طرف ڪرندي ڏسي سگهجي ٿو پر سرڪاري سطح تي وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔