ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي خلاف قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي.
جماعت اسلامي جي اسيمبلي ميمبر محمد فاروق قرارداد جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي سپريم ڪمانڊر آيت الله خامنائي جي شهادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو.
قرارداد جي متن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل عالمي امن جي لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آهن. ايران ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ رهائشي علائقن تي بمباري انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. متن موجب ٻارن ۽ شاگردن سميت هزارين بيگناهه شهرين جو قتل عام ڪيو ويو، اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي.
تبصرے بند ہیں۔