آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايراني سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي شهيد ٿي ويو: ايراني سرڪاري ميڊيا

تهران: (آچر: 01 مارچ 2026ع) ايراني سرڪاري ميڊيا ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

 

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب آيت الله خامنائي ڇنڇر تي ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو، سپريم اڳواڻ جي شهادت سندس آفيس ۾ ٿي. ايران ۾ 40 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ 7 ڏينهن جي لاءِ موڪل جو به اعلان ڪيو ويو آهي. ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي جي شهادت تي عراق ۾ مقدس روضن تي انقلاب جون نشانيون ڳاڙهيون لائٽون روشن ڪيون ويون آهن.

 

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب سپريم اڳواڻ جي شهادت تي ايران ۾ 7 ڏينهن موڪل ۽ 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آيت الله خامنائي 1989ع کان ايران جو سپريم اڳواڻ هو، اهو آيت الله خميني جي  لاڏاڻي کان پوءِ انهي جو جانشين بڻجو هو. ايراني سرڪاري ميڊيا اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ سپريم اڳواڻ خامنائي جي ڌيءَ ۽ ڏوهٽي جي شهادت جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته حملن ۾ آيت الله خامنائي جو ناٺي ۽ ننهن به شهيد ٿي ويا آهن.

انهي کان اڳ اسرائيلي ميڊيا چيو هو ته ايراني سپريم اڳواڻ ساٿين سان گڏ زمين اندر بينڪر ۾ هو، آيت الله علي خامنائي جي ڪمپائونڊ تي 30 بم ڪيرايا ويا جنهن ۾  ايراني سپريم اڳواڻ ڪيترن ئي ساٿين سميت مارجي ويو. اسرائيلي ميڊيا چيو ته آيت الله علي خامنائي جي لاش جي تصوير آمريڪي صدر کي ڏيکاري وئي.

هوڏانهن برطانوي ميڊيا به اسرائيلي اختيارين جي حوالي سان چيو هو ته خامنائي جي لاش ملي آهي. اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو به پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته اهڙا اشارا مليا آهن ته ايراني سپريم اڳواڻ خامنائي هاڻ اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي. هن چيو ته ايراني پاسداران انقلاب جو ڪمانڊر به مارجي ويو آهي. خامنائي جي ڪمپائونڊ کي تباهه ڪرڻ دوران سينئر جوهري اختياريون به مارجي ويون آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ حدفن کي نشانو بنائينداسين.  نيتن ياهو چيو ته ايران جي خلاف ڪارروائي جيستائين ضروري سمجهنداسين انهي وقت تائين جاري رهندي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي بحري ۽ فضائي  حملا ڪيا جن ۾ 201 ايراني شهري شهيد 747  زخمي ٿيا هئا. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب حملن ۾ ايراني دفاع وارو وزير امير ناصر زاده ۽ ايران پاسداران انقلاب جو سربراهه محمد پاڪپور شهيد ٿي ويا آهن.

تبصرے بند ہیں۔