مٺي: سنڌ جي ٻاٻيهي راڳي صادق فقير جي وڇوڙي کي 11 سال گذري ويا، يارهين ورسي اڄ مٺي ۾ ملهائي پئي وڃي صادق فقير جي خاندان۔ مقامي راڳين ۽ چاهيندڙن مزار تي گلن جي چادر چاڙھي سندس ڳايل گيتن جي آلاپن سان ڀيٽائون پيش ڪيون، صادق فقير جي مزار تي مقامي راڳين۔ اديبن۔ شاعرن۔ ۽ چاهيندڙن گلن جي چادر چاڙھڻ واري رسم ۾ شرڪت ڪئي
رمضان شريف جي احترام طور صادق فقير جي يارهين ورسي انتهائي سادگي سان ملهائي پئي وڃي صادق فقير شيخ اياز جي راڳي ۽ سنڌ جي سفير راڳي طور مشھور هو هن وڏن وڏن شاعرن جي شاعري ڳائي مڃتا ماڻي صادق فقير فائونڊيشن پاران ورسي جي موقعي تي افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو آھي
صادق فقير 20 مارچ 1963ع تي مٺي ۾ جنم ورتو صادق فقير خاندان سان گڏ عمري جي سعادت تي ويل هو 26 فيبروري سال 2015ع تي مڪي ۾ گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو صادق فقير جو مڙھ ڏيھ آڻي 5 مارچ 2015ع تي مٺي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو هو
سنڌ سرڪار صادق فقير جي راڳ جي مڃتا طور ڊگري ڪاليج کي صادق فقير ڊگري ڪاليج جي نالي سان منسوب ڪيو۔ ۽ مٺي ۾ صادق فقير چوڪ منسوب ڪري مجسمو لڳايو صادق فقير فائونڊيشن پاران مٺي ۾ هڪ شاندار صادق فقير ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آھي جنهن ۾ ڪيترائي نوجوان راڳ جي سکيا وٺندڙ آھن،
تبصرے بند ہیں۔