ون ڊي سيريز: ڏکڻ آفريڪا وومين هٿان پاڪستان کي شڪست

سينچورين: ڏکڻ آفريڪا وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي 16 رنسن سان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلي واري برتري حاصل ڪري ورتي.سينچورين ۾ کيڏيل ميچ ۾، ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 361 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريڪا لاءِ ايني ڊارڪسن 90 ۽ تزمين برٽس 77 رنسون ٺاهيون. پاڪستان لاءِ سعديه اقبال، فاطمه ثنا ۽ عروب شاهه ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.هدف جي تعاقب ۾، پاڪستان وومين ٽيم سخت مقابلو ڪيو، پر پوري ٽيم 345 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي طرح 16 رنسن سان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.عائشه ظفر ۽ صدف شمس 77 ۽ 61 رنسن سان پاڪستان لاءِ نمايان بيٽسمين هيون، پر اهي ٽيم کي فتح ڏانهن نه وٺي سگهيون.ڏکڻ آفريڪا وومين ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ 0-2 جي ناقابل تسخير برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

تبصرے بند ہیں۔