امير قطر جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو

دوحه:  وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير تميم بن حمدالثاني جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو.

تفصيل موجب وزيراعظم اسلام آٻاد کان دوحه پهتو جتي ڪنگ حمد عالمي هوائي اڏي تي قطرجي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي قطر ۾ مقرر پاڪستاني سفير محمد عامر ۽ سفارتي عملي وزيراعم جو پرجوش استقبال ڪيو.

نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهي. پنهنجي قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. جنهن ۾ اقتصادي تعاون، توانائي جي ڀائيواري ۽ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

پڌرائي موجب ٻئي ڌريون واپار، سرمائيڪاري، توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ افرادي قوت جي برآمد جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳيان وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ڀائرن لاڳاپن کي عڪاسي ڪري ٿو، ڊگهي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ انهي جي گڏيل ارادي کي اجاگر ڪندو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔