جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ راجپال فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف

ممبئي : بالي ووڊ اداڪار راجپال ياديو 9 ڪروڙ رپين جي چيڪ بائونس ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ فلم ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪار جي ٽيم جو چوڻ آهي ته راجپال ياديو ممبئي پهچندي ئي شوٽنگ ۾ شامل ٿي ويو آهي. هو 28 فيبروري تي ممبئي ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو.واضح رهي ته دهلي هاءِ ڪورٽ تازو ئي چيڪ بائونس ڪيس ۾ راجپال ياديو جي سزا کي 18 مارچ تائين معطل ڪيو هو. عدالت کيس 1 لک رپين جي ذاتي مچلڪي ۽ ساڳئي رقم جي ضمانت جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي هئي.

تبصرے بند ہیں۔