صدر ۽ وزيراعظم پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج پيش

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پشين ۾ فتنه الخارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هندستاني پراڪسي فتنه الخارج خلاف ڪامياب آپريشن قومي عزم جو عڪاسي آهي.صدر آصف علي زرداري اهو به چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ان جو مڪمل طور تي خاتمو نه ٿي وڃي.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن.هن چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺي آهي.وزيراعظم اهو به چيو آهي ته اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

تبصرے بند ہیں۔